Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اهو ٻڪر سندن سڀ بدڪاريون پاڻ تي کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو. جڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ٻڪر کي بيابان ۾ ئي ڇڏي موٽي اچي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اهو ٻڪر انهن جون سڀ بدڪاريون کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو: پوءِ هو انهي ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو.


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


انهيءَ جا سموارا گناهہ معاف ڪيا ويندا ۽ جيڪا نيڪي هو ڪندو تنهن جي ڪري هو جيئرو رهندو.


تنهن کان پوءِ تون پنهنجي کاٻي پاسي تي ليٽي پئج ۽ اتي ٽي سؤ نوي ڏينهن تائين بني اسرائيل جي گناهن جي سزا جي نشان طور پيو رهج. اهڙيءَ طرح تون بني اسرائيل قوم جا گناهہ ڄڻ تہ پاڻ تي کڻندين ۽ تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.


اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي.


هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي.


تڏهن هارون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي ۽ اهي سڻيءَ جا ڪپڙا، جيڪي مقدس ترين جاءِ ۾ وڃڻ وقت پاتا هئائين، سي لاهي اتي ئي رکي ڇڏي.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ