Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ”جڏهن هارون مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ ۽ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري وٺي، تڏهن هو اهو جيئرو ٻڪر آڻي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۽ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري چڪي، تڏهن اهو جيئرو ٻڪر آڻي حاضر ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ساڳئي مهيني جي ستين تاريخ تي بہ ساڳيءَ طرح ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪنهن جي خطا وچان يا اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪو گناهہ ٿيو هجي. اهڙيءَ طرح هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي.


اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيمي‌گاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو.


پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“


هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي.


پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ