Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 15:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ مرد جي واسطي جنهن کي جريان جي بيماري هجي يا جيڪو انزال ٿئي ٿو، جنهن سان هو ناپاڪ ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 هي قاعدو انهي مرد جي واسطي آهي، جنهن کي پرميل جو مرض هجي، يا جنهن کي احتلام هجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 15:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“


جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي،


سينور جي انهيءَ مرض بابت، جيڪو اوني يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، پوءِ تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ يا چم جي ڪنهن بہ شيءِ تي هجي، تنهن کي پاڪ يا ناپاڪ قرار ڏيڻ لاءِ اهو ئي قاعدو آهي.“


”جنهن ڏينهن چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض وارو ماڻهو پاڪ قرار ڏيڻو هجي تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ اهو معاملو ڪاهن وٽ آندو وڃي.


اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض لڳو هجي ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ لاءِ گھربل شين جي آڻڻ جي طاقت نہ هجي.“


اهو ئي قاعدو آهي هر قسم جي چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ خراب قسم جي مَلي جي لاءِ،


جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ انزال ٿئي تہ هو پنهنجو سڄو بدن ڌوئي ڇڏي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.


تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ عورت جي واسطي جيڪا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي. يعني هر انهيءَ مرد يا عورت جي واسطي اهو ئي قاعدو آهي جيڪو جريان جي حالت ۾ هجي ۽ ان کان علاوہ هر انهيءَ مرد جي واسطي پڻ، جيڪو ڪنهن ناپاڪ عورت سان هم‌بستر ٿئي ٿو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري


ناذير جي لاءِ هي قانون آهي تہ جڏهن سندس وقف هجڻ وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن کيس مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي حاضر ڪيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ