لاوي سرشتو 15:31 - Muslim Sindhi Bible31 تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بيحرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟