Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو عُزياہ بادشاهہ کي مرندي گھڙيءَ تائين ڪوڙهہ جهڙي بيماري لڳل رهي. هو ان بيماريءَ سبب ناپاڪ ٿي پيو ۽ وري ڪڏهن خداوند جي گھر ۾ وڃڻ جي لائق نہ رهيو. هو محل بجاءِ هڪڙي ڌار گھر ۾ رهندو هو. سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ انهن کي پاڪ ڪيائين. سو هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.


ڪاهن اها ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قربانيءَ سان گڏ قربان‌گاهہ تي پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هو پاڪ ٿيندو.“


ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ڏاڙهي، ڀرؤن ۽ پنهنجي سڄي بدن جا باقي وار ڪوڙائي. پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو.


جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جريان واري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي، تڏهن هو ستن ڏينهن تائين ترسي ۽ ستين ڏينهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ تازي پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي اڳتي اڱڻ ۾ آندو ۽ کين وهنجاريائين.


جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي.


کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا.


تہ اهو انهيءَ کي پنهنجي گھر ۾ وٺي اچي ۽ هن جو مٿو ڪوڙائي ۽ ننهن لهرائي ڇڏي.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ