Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جيڪو ماڻهو ڪوڙهہ کان پاڪ ٿيڻو هجي، تنهن تي ست ڀيرا ڇاٽاري، ۽ انهي کي پاڪ ٺهرائي، پوءِ انهي جيئري پکيءَ کي کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:7
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”وڃي اردن درياءَ ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، پوءِ تو کي اها بيماري صفا ڇڏي ويندي ۽ تون پاڪ ٿي پوندين.“


سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


پر هاڻ گھڻيون ئي قومون هن کي ڏسي عجب ۾ پئجي وينديون. هن جي آڏو بادشاهہ پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو اهو ڪجھہ ڏسندا، جيڪو هنن ٻڌو ئي نہ هو، هائو، هو اهو ڪجھہ ڏسندا، جيڪو هنن ڪڏهن ڄاتو ئي نہ هو.“


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


تہ پوءِ ڪاهن کيس چڱيءَ طرح چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مرض هن جي سڄي جسم تي پکڙجي ويو آهي، تہ هو انهيءَ مريض کي پاڪ قرار ڏئي. جيئن تہ هو سڄو ئي اڇو ٿي ويو آهي تنهنڪري هو پاڪ آهي.


۽ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مرض واري جاءِ ڦري اڇي ٿي ويئي هجي تہ پوءِ هو پاڪ آهي ۽ ڪاهن انهيءَ مريض کي پاڪ قرار ڏئي.


پوءِ هو چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو، زوفا جي ٽاري ۽ جيئرو پکي کڻي، انهن کي ذبح ڪيل پکيءَ جي رت ۽ تازي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ست ڀيرا انهيءَ گھر تي ڇٽڪاري.


پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري.


پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“


اهو ٻڪر سندن سڀ بدڪاريون پاڻ تي کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو. جڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ٻڪر کي بيابان ۾ ئي ڇڏي موٽي اچي


هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي آڏو مقدس ترين جاءِ واري پردي جي سامهون ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري.


هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي حضور ۾ مقدس ترين جاءِ واري پردي جي اڳيان ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري.


انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي هن ست دفعا اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي مسح ڪيو، تہ جيئن مخصوص ٿين.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو.


جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


ڏسو، اڳئين شرعي انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک ناپاڪ ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي جسماني طور پاڪ صاف ٿي سگھن.


هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي


پوءِ موسيٰ ساڳيءَ طرح مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي بہ رت ڇٽڪاريو.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ