Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن ڪاهن باقي بچيل جيئري پکيءَ کي کڻي، انهيءَ کي چندن جي ڪاٺيءَ، لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي ۽ زوفا جي ٽاريءَ سميت انهيءَ پکيءَ جي رت ۾ ٻوڙي جيڪو پاڻيءَ جي مٿان ذبح ڪيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ باقي جيڪو جيئرو پکي آهي سو ۽ ديال جي ڪاٺي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ زوفا، اهي سڀ شيون هو جيئري پکي سميت کڻي، ۽ جيڪو پکي وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪيو هئائون، تنهن جي رت ۾ ٻوڙي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ ٻہ جيئرا حلال پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آندي وڃي.


پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪيو وڃي.


انهن پکين مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي هو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪري.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


ٿوري وقت کان پوءِ دنيا مون کي وري نہ ڏسندي، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ زندہ آهيان تنهنڪري اوهين بہ زندہ هوندا.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


اڳي خدا جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس فرزند جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس فرزند جي حياتيءَ جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ