Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:54 - Muslim Sindhi Bible

54 اهو ئي قاعدو آهي هر قسم جي چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ خراب قسم جي مَلي جي لاءِ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 اهو آهي قاعدو هر ڪنهن قسم جي ڪوڙهہ جي مرض، ۽ پت جي لاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:54
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي،


اهو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي ٿيل مرض کي چڪاسي. جيڪڏهن مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.


”جنهن ڏينهن چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض وارو ماڻهو پاڪ قرار ڏيڻو هجي تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ اهو معاملو ڪاهن وٽ آندو وڃي.


اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض لڳو هجي ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ لاءِ گھربل شين جي آڻڻ جي طاقت نہ هجي.“


پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو گھر جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ اهو گھر پاڪ ٿي ويندو.


اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ مرد جي واسطي جنهن کي جريان جي بيماري هجي يا جيڪو انزال ٿئي ٿو، جنهن سان هو ناپاڪ ٿئي ٿو.


اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربان‌گاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربان‌گاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.


”قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، جيڪا مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي تنهن جو قاعدو هن ريت آهي.


سو ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، مخصوصيت جي قرباني ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جا قاعدا اهي آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري


ناذير جي لاءِ هي قانون آهي تہ جڏهن سندس وقف هجڻ وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن کيس مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي حاضر ڪيو وڃي.


اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ