Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:48 - Muslim Sindhi Bible

48 پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:48
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


ڪاهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وڃي انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض ڇڏي ويو هجي،


جيڪڏهن پٿرن جي نڪرڻ، گھر جي کرڙجڻ ۽ ليپي ڏيارڻ کان پوءِ بہ اهو سينور جو مرض گھر ۾ وري ظاهر ٿي پوي،


جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ گھر ۾ سمهيو هجي يا جنهن اتي ڪجھہ کاڌو هجي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي.


پوءِ هو انهيءَ گھر کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻہ پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آڻي.


عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ