Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:43 - Muslim Sindhi Bible

43 جيڪڏهن پٿرن جي نڪرڻ، گھر جي کرڙجڻ ۽ ليپي ڏيارڻ کان پوءِ بہ اهو سينور جو مرض گھر ۾ وري ظاهر ٿي پوي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ جيڪڏهن پهڻن جي نڪرڻ ۽ گهر جي کرڙجڻ ۽ لنبجڻ کان پوءِ بہ، وري مرض اچي گهر ۾ ظاهر ٿئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:43
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


ان کان پوءِ ڪڍيل پٿرن جي جاءِ تي ٻيا پٿر لڳايا وڃن ۽ نئون گارو ٺاهي گھر کي ليپو ڏياريو وڃي.


تہ پوءِ ڪاهن وڃي انهيءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر ۾ پکڙجي ويو هجي، تہ پوءِ اهو خراب قسم جو سينور آهي. سو اهو گھر ناپاڪ آهي.


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي.


سو جيڪي ماڻهو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي غلبي ۾ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”وهنتل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ