Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:41 - Muslim Sindhi Bible

41 پوءِ هو گھر اندر ڀتين کي چوڌاري کرڙائي ۽ اها کرڙيل مٽي ڪڍائي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 پوءِ هو گهر کي اندران چوڌاري کرڙائي، ۽ جيڪا مٽي کرڙي ڪڍن سا شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:41
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.


اهي تنهنجا ڪوٽ ڪيرائي وجھندا، ۽ تنهنجا ٺُلهہ ڊاهي ڇڏيندا. آءٌ تنهنجو باقي بچيل ڍير بہ کڻائي ڇڏيندس، ۽ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.


تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ جن پٿرن ۾ اهو مرض آهي سي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن.


ان کان پوءِ ڪڍيل پٿرن جي جاءِ تي ٻيا پٿر لڳايا وڃن ۽ نئون گارو ٺاهي گھر کي ليپو ڏياريو وڃي.


اهو گھر ڀڃي ڊاٺو وڃي ۽ انهيءَ جا پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن.


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


پوءِ عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو.


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ