Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:34 - Muslim Sindhi Bible

34 ”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃي پهچو، جو ملڪ آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ٿو ڏيان، ۽ جڏهن اوهان جي انهي ملڪيت واري ملڪ جي ڪنهن گهر ۾ آءٌ ڪوڙهہ جو مرض وجهان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:34
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


هاڻي اُٿ ۽ سڄي زمين گھمي ڏس، ڇوجو آءٌ اها سموري تو کي ڏيندس.“


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


ان کان سواءِ سوڄ، ڏڍ، چمڪندڙ داغ ۽ ڪپڙن ۽ گھر جي سينور جي مرض لاءِ پڻ.


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو آءٌ اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين کي بہ مون خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا، اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“


”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي آهن اهي قاعدا قانون جن تي اوهين پنهنجي سڄي عمر انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جيڪو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪري ڇڏي، جن جو ملڪ هو اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ پوءِ اوهين انهن جي شهرن ۽ گھرن تي قبضو ڪري انهن ۾ رهڻ لڳو،


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو،


”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان.


خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو.


هاڻ يشوع تمام پيرسن ٿي چڪو هو. خداوند کيس فرمايو تہ ”تون تمام ٻڍو ٿي ويو آهين، پر اڃا گھڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ