Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ هو اهو گھيٽو ذبح ڪري ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پوءِ هو خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو ذبح ڪري، ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:25
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


تڏهن انهيءَ گھٽي کي ذبح ڪري، ان جو ڪجھہ رت کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺن تي ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺن تي لائج. باقي سمورو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج.


جڏهن اوهين خدا جي گھر ۾ داخل ٿيو، تڏهن نماڻا ٿي احتياط سان اچو. ڪي بي‌وقوف ماڻهو اتي وڃي لاپرواهيءَ سان قربانيون تہ پيش ڪن ٿا پر نہ ٿا سمجھن تہ ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا ڦاسائين. انهيءَ کان تہ اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهين اتي وڃي ڪجھہ ڌيان سان ٻڌو.


تڏهن ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي پئٽي.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ