Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪري ۽ ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيندڙ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. ان بعد هو ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پوءِ ڪاهن گناهہ جي قرباني چاڙهي، ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري: تنهن کان پوءِ هو سوختني قرباني ذبح ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڪاهن هڪڙو گھيٽو ۽ اهو اڌ ليٽر تيل کڻي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ