Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن ڪاهن هڪڙو گھيٽو ۽ اهو اڌ ليٽر تيل کڻي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ ڪاهن هڪڙو گهيٽو، ۽ تيل جي ماڻ کڻي خطا جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون گھٽي جي چرٻي، سندس دنب، ٻي چرٻي جيڪا سندس آنڊن ۽ اوجھريءَ تي هوندي آهي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون، انهن تي لڳل چرٻي ۽ ان جي ساڄي ران کڻج.


اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي.


تون هارون جي مخصوصيت واري گھٽي جو سينو ڪڍي، اهو مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪج، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي. اهو حصو خاص تنهنجو ٿيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بي‌عيب گھيٽن ۽ هڪڙي بي‌عيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي.


پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي سو انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري.


پوءِ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪري ۽ ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيندڙ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. ان بعد هو ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪري.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ