Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بي‌عيب گھيٽن ۽ هڪڙي بي‌عيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:10
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرئين گھيٽي سان گڏ هڪ ڪلوگرام ميدو ڏين، جنهن ۾ هڪ ليٽر ڪُٽي ڪڍيل زيتون جو تيل مليل هجي. ان سان گڏ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي سو انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري.


تڏهن ڪاهن هڪڙو گھيٽو ۽ اهو اڌ ليٽر تيل کڻي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


پوءِ ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ کڻي پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي وجھي.


”جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگھي، تہ پوءِ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪرڻ واسطي هڪڙو گھيٽو آڻي، تہ جيئن ڪفارو ادا ڪيو وڃي. اناج جي قربانيءَ لاءِ هو رڳو هڪ ڪلوگرام ميدو زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل آڻي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي.


جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي.


جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.


انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ ڳوهيل پيش ڪجو. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي جا ساڙبي آهي. ان سان گڏ اوهين هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.


جيڪڏهن هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ رڍ پيش ڪري تہ اها بہ بي‌عيب هجي.


مخصوصيت جي ستن ڏينهن بعد اٺين ڏينهن تي موسيٰ هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏايو.


اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام


اُتي هو مون خداوند لاءِ ٽي بي‌عيب جانور قربانيءَ طور پيش ڪري: هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪسالي گھيٽي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو گھٽو سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ.


پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو آهين.“


پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“


آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ