Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:58 - Muslim Sindhi Bible

58 پر جيڪڏهن داغ واري انهيءَ ڪپڙي يا چم جي شيءِ کي ڌوئڻ سان اهو داغ منجھانئس نڪري وڃي تہ انهيءَ کي ٻيهر بہ ڌوئجي، تڏهن اهو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

58 ۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، يا ڪابہ چم جي شيءِ هجي، ۽ جيڪڏهن انهي کي ڌوئڻ سان مرض جو داغ منجهانئس نڪري وڃي، تہ انهي کي ٻيو ڀيرو ڌوئجي، پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:58
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”وڃي اردن درياءَ ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، پوءِ تو کي اها بيماري صفا ڇڏي ويندي ۽ تون پاڪ ٿي پوندين.“


سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


۽ اهو داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾، چم ۾ هجي توڙي چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾،


پوءِ جيڪڏهن اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ يا چم جي انهيءَ شيءِ ۾ وري ظاهر ٿئي، تہ اهو پکڙجڻ وارو سينور آهي. سو جنهن شيءِ ۾ اهو داغ هجي سا ساڙي ڇڏجي.


سينور جي انهيءَ مرض بابت، جيڪو اوني يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، پوءِ تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ يا چم جي ڪنهن بہ شيءِ تي هجي، تنهن کي پاڪ يا ناپاڪ قرار ڏيڻ لاءِ اهو ئي قاعدو آهي.“


هن بابت مون ٽي دفعا خداوند عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي.


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ