14 پر جنهن وقت بہ انهيءَ جو ماس ڪچو ٿي پوي، تنهن وقت اهو ناپاڪ ٿيندو.
14 پر جنهن وقت هن ۾ نرم ماس ظاهر ٿئي، تنهن وقت هو ناپاڪ ٿيندو.
ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن سندس چمڙيءَ تي اڇي سوڄ هجي، انهيءَ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس ڏکندڙ ۽ ڪچو ٿي پيو هجي،
تہ پوءِ ڪاهن کيس چڱيءَ طرح چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مرض هن جي سڄي جسم تي پکڙجي ويو آهي، تہ هو انهيءَ مريض کي پاڪ قرار ڏئي. جيئن تہ هو سڄو ئي اڇو ٿي ويو آهي تنهنڪري هو پاڪ آهي.
جڏهن ڪاهن ڪچو ماس ڏسي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ ڪچو ماس ناپاڪ آهي. اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.