47 انهيءَ لاءِ جو اوهان کي پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾ ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.“
47 انهي لاءِ تہ پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.
سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج.
ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بيحرمتي ٿي ڪري.
ڪاهنن کي گھرجي تہ هو منهنجي قوم کي مخصوص شين ۽ عام شين جي وچ ۾ ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ سيکارين.
دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي.
ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو.
جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي،
خداوند موسيٰ کي
اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“