Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


انهيءَ کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ گھر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هجي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جريان وارو ماڻهو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ کي ڇهي، تہ اهو ڀڃي ڇڏجي. جيڪڏهن اهو ٿانءُ ڪاٺيءَ جو هجي تہ انهيءَ کي آگھاري ڇڏجي.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿئي.


بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.


تہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. پر جيستائين هو نہ وهنجي تيستائين مخصوص قربانين مان نہ کائي.


جيڪڏهن اهو گوشت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ اهو ٿانءُ ڀڃي ڇڏجي. پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ انهيءَ ٿانوَ کي ملي پاڻيءَ سان آگھاري صاف ڪجي.


تنبوءَ ۾ سڀڪو کُليل ٿانءُ جنهن مٿان ڍڪ نہ هوندو سو بہ ناپاڪ ٿيندو.


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ اچي. پر تنهن هوندي بہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ