31 جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
31 سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻي بيشمار ساهوارن سان ڀرجي وڃي ۽ پکي آسمان ۾ اُڏامن.“
ڪرڙي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽ.
اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.
انهن جانورن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
انهيءَ کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ گھر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هجي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.
ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.
جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ داخل ٿئي.
بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.
تہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. پر جيستائين هو نہ وهنجي تيستائين مخصوص قربانين مان نہ کائي.
پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ اچي. پر تنهن هوندي بہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.