20 کنڀن وارا سڀ جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن،
20 ۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.
سواءِ انهن جي جن جون ٽنگون ڊگھيون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپ ٿا ڏين،
پر ٻيا سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.
پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“
سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن، اهي نہ کائجو،
ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.
پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بيعقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.
هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ تفرقا وجھي رهيا آهن. هي پاڪ روح کان محروم دنياوي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.