Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بي‌حرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.


تڏهن هو روانو ٿيو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ ماڻهوءَ جو لاش رستي تي پيو آهي ۽ گڏهہ ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺا آهن. شينهن نڪي لاش کي کاڌو آهي ۽ نہ وري گڏهہ کي ئي ڦاڙيو اٿائين.


تڏهن خداوند باهہ موڪلي ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ جي جانور، ڪاٺين ۽ پٿرن کي ساڙي ڇڏيائين، زمين کي لهس پهچايائين ۽ کڏ ۾ جيڪو پاڻي هو سو بہ سڪي ويو.


الياس ان سالار کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ پوءِ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان باهہ لٿي، جنهن سالار ۽ سندس پنجاهہ ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو.


الياس کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان خدا باهہ موڪلي ۽ سالار کي سندس پنجاهہ ماڻهن سميت ساڙي ڇڏيائين.


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ عُزہ تي اچي ڪڙڪي ۽ صندوق کي هٿ لائڻ جي ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.


اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي مري ويا ۽ کين ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪاهن بڻيا.


اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.


خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.


سو هو ويجھا آيا ۽ انهن جي لاشن کي پنهنجن ڪپڙن ۾ کڻي، موسيٰ جي حڪم موجب خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا.


هارون جا ٻہ پٽ، جيڪي مقدس جاءِ اندر خداوند جي حضور ۾ ويجھو آيا ۽ مري ويا تن جي وفات کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.


ندب ۽ ابيهو انهيءَ ڏينهن مري ويا جنهن ڏينهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ سان نذرانو پيش ڪيو هئائون.


انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ