Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.


اها ڳالهہ ٻڌي موسيٰ مطمئن ٿيو.


پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.


سو هارون قربان‌گاهہ وٽ ويو ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو گابو ذبح ڪيائين.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟


ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.


انهيءَ مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ