لاوي سرشتو 10:14 - Muslim Sindhi Bible14 بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران بہ اوهين ڪنهن صاف جاءِ ۾ کائجو: تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجون ڌيئر جي تو سان گڏ هجن: ڇالاءِ جو اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جو بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.