Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام خدا لاءِ اهي سڀ وٺي آيو. انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين ۽ اهي اڌ هڪٻئي جي سامهون رکيائين. پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين.


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


آءٌ تنهنجو سچار بندو آهيان، تون مون کي برزخ ۾ وڃڻ ڪين ڏيندين. هائو، تون مون کي پاتال ڏسڻ ڪين ڏيندين.


ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


هو اهي ٻئي ڪاهن وٽ کڻي اچي. ڪاهن پهريائين انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. هو انهيءَ جي منڍي ڳچيءَ کان مروٽي، پر ڇني ڌار نہ ڪري.


اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربان‌گاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


پوءِ هنن ساڙڻ واري قربانيءَ جي گھٽي جا ٽڪر ان جي منڍيءَ سميت هارون کي ڏنا، جيڪي هن قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيا.


اوهين مون خداوند جي لاءِ رڍن ٻڪرين يا ڍورن ڍڳن منجھان منهنجي واسطي وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قرباني ڪريو، يا باسيل قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر عيدن تي قرباني ڪريو يا ڪا ٻي ساڙي ويندڙ قرباني ڪريو،


عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ