زاريون 4:20 - Muslim Sindhi Bible20 اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر انهن چيس تہ ”اوهان اسان سان گڏ نہ هلو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين ڀڄي نڪتاسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا، يا جيڪڏهن اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا. پر اوهين اسان جهڙن ڏهن هزارن جي مٽ آهيو. تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ اوهين شهر ۾ ئي رهو ۽ اتان اسان ڏانهن مدد موڪلجو.“
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“