Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا. هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو، ۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.


هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


تڏهن تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زورآور پنهنجو زور لڳائي نہ سگھندو، نڪي ڪو جوڌو ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.


هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن، اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن. سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن. هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن. اهي ائين ٿا اڏامندا اچن، جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ