Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.


شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿو رهان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


پر جڏهن آءٌ اڃا يروشلم شهر جي بنيامين دروازي وٽ مس پهتس، تڏهن ارياہ ولد سلمياہ ولد حننياہ نالي پهريدارن جي سالار مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ ”تون غداري ڪري بابلين ڏانهن ڀڳو ٿو وڃين!“


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


جيڪي بنا ڪنهن سبب جي منهنجا دشمن بڻيا، تن مون کي پکين وانگر شڪار ڪيو.


”اي حزقي‌ايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


بني اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ اوهين ڪنهن جي پٺيان پيا آهيو؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان، يا هڪڙي جيتامڙي جي پٺيان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ