Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:61 - Muslim Sindhi Bible

61 هائو، اي خداوند! جيڪي ملامتون اهي مون تي ڪن ٿا، ۽ جيڪي بڇڙائيءَ وارا منصوبا اهي منهنجي خلاف جوڙين ٿا، سي سڀ تون ڄاڻين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

61 اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:61
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


اي منهنجا رب! پنهنجي هن بندي کي ياد ڪر، جنهن جي بدنامي پئي ٿئي. هائو، آءٌ سڀني غير قومن جا طعنا پنهنجي سيني تي پيو سهان.


پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“


توڙي جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڳلن تي چماٽون هنيون وڃن، يا بي‌عزت ڪيو وڃي، تہ بہ هن کي اهو سڀ ڪجھہ برداشت ڪرڻ گھرجي.


اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بي‌عزتيون جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا، بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون جيڪي هو هڻن ٿا، سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ