58 هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ.
58 اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.
سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“
تہ پوءِ اي ايوب! هو تنهنجي دانهن ڪيئن ٻڌندو؟ جو تون چوين ٿو تہ ’منهنجو مقدمو سندس آڏو آهي، پر هو انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي، آءٌ انهيءَ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.‘
هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو.
خداوند پنهنجي ماڻهن جي جان بچائي ٿو وٺي. هائو، اهي ٻانها جيڪي سندس پناهہ ٿا وٺن، تن مان ڪوبہ ڏوهي قرار نہ ڏنو ويندو.
تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس.
تو بتپرست قومن تي فتويٰ جاري ڪئي آهي، ۽ انهن بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿيئي، هائو، تو هميشہ لاءِ سندن نالو ئي مِٽائي ڇڏيو آهي.
اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.
پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“
مون خداوند اسرائيل وارن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، هائو، جيڪو کانئن ڏاڍو هو تنهن جي هٿان کين ڇڏايو اٿم.
اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.
پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.
سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻ اي يروشلم وارؤ! آءٌ اوهان جي طرفداري ڪندس ۽ اوهان جو بدلو وٺندس. آءٌ بابل جا چشما سڪائي ڇڏيندس، ۽ ان جا درياءَ خشڪ ڪري ڇڏيندس.
جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بيعزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو.