هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘