52 جيڪي بنا ڪنهن سبب جي منهنجا دشمن بڻيا، تن مون کي پکين وانگر شڪار ڪيو.
52 جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن.
سندن عداوت وارين ڳالهين مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجي گلا ڪندا ٿا وتن.
آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“
زورآور ماڻهو مون کي بيسبب ستائين ٿا، پر منهنجيءَ دل ۾ رڳو تنهنجي فرمان جو ڊپ آهي.
اسان جي جان ائين ڇٽي آهي، جيئن پکي ماريءَ جي ڦندي مان ڇٽي، ڦندو ٽٽي ويو ۽ اسين ڇٽي نڪتاسين.
اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بيسبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.
ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بيسبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.
جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا.
پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟
جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ يروشلم جي عورتن سان ڇا ٿو ٿئي، تڏهن منهنجي دل غم سان ڀرجيو وڃي.
پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘