47 اسان تي مصيبت ۽ تباهي نازل ڪئي ويئي، ۽ اسان خوف ۽ دهشت ۾ زندگي پيا گذاريون.“
47 خوف ۽ قبر، ويراني ۽ تباهي اسان تي آئي آهي.
تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن. هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي، بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي. ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري، ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.
هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.
صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.
هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو.