38 نيڪي هجي توڙي بدي، سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو.
38 خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟
پر بادشاهہ ابيشيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“
پر ايوب چيس تہ ”اي بيوقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.
پر اهو خدا ئي آهي جيڪو انصاف ڪندي، ڪنهن کي هيٺ ٿو ڪيرائي تہ ڪنهن کي مٿي چاڙهي ٿو.
گھڻا ماڻهو حاڪم جي مهربانيءَ جي طلب ۾ ٿا رهن، مگر انسان کي انصاف خداوند وٽان ئي ملي ٿو.
سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.
آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون ئي هيءَ وڏي مصيبت هن قوم تي آندي آهي، تيئن آءٌ ئي آهيان جيڪو هنن کي پوريءَ طرح اها خوشحالي عطا ڪندس، جنهن جو مون ساڻن واعدو ڪيو آهي.
ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟