36 هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي.
36 ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.
جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.
اي خداوند! اهي تنهنجي قوم کي پيڙيندا ٿا رهن. هائو، اهي تنهنجي انهن چونڊيلن کي ستائيندا ٿا وتن.
ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.
هائو، سچائي گم ٿي ويئي آهي. هاڻ جيڪو بديءَ کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، سو انهيءَ جو شڪار بڻجيو وڃي.“ جڏهن خداوند اهو سڀ ڏٺو تہ سندس قوم سان انصاف نہ ٿو ٿئي، تڏهن سندس نظر کي اهو برو لڳو.
”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رننزالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بيگناهہ جو رت وهايو.
اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.
پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟
جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بيگناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين.