Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:33 - Muslim Sindhi Bible

33 پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري، نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:33
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.


منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.


انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.


پروردگار ڄاڻي ٿو تہ قيد ۾ اسان کي روحاني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون.


مون خداوند خدا کي ڪنهن جي بہ مرڻ تي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي، تنهنڪري پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.“


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ