23 جيئن روزانو نئين سر صبح جو تازگي هوندي آهي تيئن ئي سندس شفقت قائم وَ دائم آهي. بيشڪ خداوند جي وفا ڪيڏي نہ گھڻي آهي!
23 اهو روز صبح جو نئون آهي؛ تنهنجي سچائي وڏي آهي.
انهيءَ ئي خداوند زمين، آسمان ۽ سمنڊ کي ۽ جيڪي ڪجھہ انهن ۾ آهي تنهن کي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي واعدن کي هميشہ قائم رکي ٿو.
سندس غصو رڳو هڪ پل جو آهي، پر سندس ڪرم عمر ڀر جو آهي. رات جو شايد روئڻو پوي، پر صبح جو خوشي ملي ٿي وڃي.
اي خداوند! تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، ۽ تنهنجي وفا بادلن تائين ڀريل آهي.
تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.
تڏهن بہ آءٌ دائود تي ڪيل پنهنجي شفقت سندس اولاد تان ڪين هٽائيندس. هائو، آءٌ پنهنجي وفا کي باطل ٿيڻ ڪين ڏيندس.
خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.
اي خداوند! اسان تي رحم فرماءِ. اسان جي توڪل تو تي ئي آهي. تون هر روز اسان جي حفاظت ڪر، ۽ اسان جي مشڪلاتن جي وقت اسان کي اچي بچاءِ.
پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بيانصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بيانصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.
انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.
اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.
سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.