20 بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي.
20 منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي
جڏهن آءٌ پنهنجي حال تي ويچار ٿو ڪريان، تڏهن پريشان ٿي وڃان ٿو، ۽ خوف وچان منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي.
خداوند ئي انڌن جون اکيون کولي ٿو، ۽ جيڪي مشڪلاتن ۾ وڃيو ڪرن ٿا، تن کي هو اٿاري کڙو ڪري ٿو. هو ئي اسان ۾ رهندڙ ڌارين جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ يتيمن ۽ رننزالن جي سنڀال لهي ٿو. بيشڪ خداوند سچارن کي پيار ڪري ٿو، جڏهن تہ بڇڙن جون راهون رد ڪري ڇڏي ٿو.
پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
هاڻ مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
اسان کي شڪست ڏيئي ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، ايتري قدر جو اسين مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي ويا آهيون.
جڏهن بہ منهنجيءَ دل ۾ گھڻا فڪر اچي گڏ ٿي ٿيا، تڏهن خداوند جي تسلين مون کي سرهو ٿي ڪيو.