Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بي‌سبب کيس ناس ڪريان.“


تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو.


هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هنن انهيءَ جاءِ کي ڊاهي پليت ڪيو هو، جيڪا تنهنجي نالي سان منسوب هئي.


خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.


اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.


هو موآب جي مضبوط قلعن وارين ڀتين کي ڊاهي ڇڏيندو، هائو، هو انهن کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي مٽيءَ سان گڏ مٽي ڪري ڇڏيندو.


پر هن انهن کي بلڪل پست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي جبل واري مضبوط شهر ۾ فخر سان ٿي رهيا. هن سندن شهر جي ڪوٽ کي ڪيرائي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس.


آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس. بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اوهان جا گناهہ اهڙا تہ ڪراهت جهڙا آهن جو آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ اوهان کي اوهان جي چال چلت موجب سزا ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن اوهان کي اها سزا ڏني آهي.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِ‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“


ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو هو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن منجھہ ئي اوهان جي سڀني شهرن ۾ اها قوم اوهان جو گھيرو ڪندي، جيستائين اوهانجيون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون جن تي اوهان جو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ