زاريون 1:6 - Muslim Sindhi Bible6 پياري يروشلم جو سڄو شان وَ شوڪت، ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جا اڳواڻ اهڙن هرڻن وانگر ٿي پيا آهن، جن لاءِ ڪوبہ چراگاهہ ڪونہ آهي. سو اهي بک وگھي ايتري قدر پاهہ ٿي پيا آهن، جو شڪارين کان توڙي جو هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ چاهين تہ بہ ڀڄي نہ ٿا سگھن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ صيون جي ڌيءَ وٽان سندس سڀ وڏائي هلي ويئي آهي: ان جا امير انهن هرڻن وانگر آهن جن کي چارو ڪونہ ٿو ملي، ۽ جي پٺيان پوندڙ جي اڳيان بي طاقت ٿي پيا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.