زاريون 1:5 - Muslim Sindhi Bible5 دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.