يشوع 9:27 - Muslim Sindhi Bible27 انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربانگاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربانگاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 ۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.