Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:35 - Muslim Sindhi Bible

35 سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:35
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.


عزرا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي منجھند تائين انهيءَ کُليل ميدان ۾ جيڪو پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو ۽ سڀني اهو ڌيان سان پئي ٻڌو.


ٻين قومن جو هڪ وڏو انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو. ان کان سواءِ گھڻيون ئي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال ساڻن گڏ هو.


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


هائو، سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪري کين پاڪ گڏجاڻيءَ لاءِ تيار ڪريو. وڏي عمر وارن کان وٺي کير پياڪ معصومن تائين سڀني کي آڻي گڏ ڪريو. ايتري قدر جو نوان گھوٽ ڪنوار بہ پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڇڏي ضرور اچي حاضر ٿين.


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون.


اڄوڪي ڏينهن اوهين، اوهان جا سردار، اوهان جا اڳواڻ، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون ۽ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ رهندڙ ڌاريا، مطلب تہ اوهان جي ڪاٺيرن ۽ پخالين تائين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو.


تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين کي مڃي، انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيڪي ڪريو تنهن ۾ ڪامياب ٿيو.


اوهين سڀني ماڻهن يعني مردن، عورتن، ٻارن ۽ جيڪي ڌاريا اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، تن سڀني کي گڏ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ هو اها شريعت ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪرڻ سکن.


جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ