يشوع 8:31 - Muslim Sindhi Bible31 جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو. هن اها انهيءَ مطابق ٺاهي جيئن موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، يعني تہ ”هڪ اڻگھڙيل پٿرن واري قربانگاهہ، جنهن تي ڪوبہ لوهي اوزار استعمال نہ ٿيو هجي.“ انهيءَ تي هنن ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 ۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.