Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ هنن انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي منجھس هو تنهن سميت باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. فقط چاندي، سون ۽ اهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل هئا سي خداوند جي گھر جي خزاني ۾ جمع ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هن انهن قاصدن سان ملڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. جيئن تہ هو ڏاڍا شرمندا هئا، سو بادشاهہ چوائي موڪلين تہ ”جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون نہ وڌن تيستائين اوهين يريحو شهر ۾ ئي ترسي پئو، پوءِ اوهين موٽي اچجو.“


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.


هنن مديانين جا سڀ رهڻ وارا شهر ۽ خيمي‌گاهہ بہ ساڙي ڇڏيا.


ان شهر جو سمورو مال ميڙي وچ پڌر ۾ گڏ ڪري، اهو شهر سميت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ساڙي ڇڏجو. اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل انهن شين منجھان ڪابہ شيءِ اوهان وٽ نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کي اوهان تي جيڪا خوفناڪ ڪاوڙ آهي، تنهن کان هو مڙي وڃي ۽ اوهان تي رحم ڪري ۽ مهربان ٿئي. پوءِ جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي تيئن هو اوهان کي وڌائي.


پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.


انهيءَ ۾ جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو ويو ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون.


سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“


پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ، انهيءَ جي پيءُ جي گھراڻي ۽ جيڪي مٽ مائٽ وٽس هئا تن سڀني کي جيئرو ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ماڻهو يشوع يريحو شهر جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا هئا تن کي هن پاڻ وٽ لڪايو هو. انهيءَ راحب ڪسبياڻيءَ جو نسل اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل ۾ رهندو اچي.


يشوع عئيءَ شهر کي ساڙي هميشہ جي لاءِ رک جو ڍير ڪري ڇڏيو ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.


جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ