Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ست ئي ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا. هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا ۽ باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ خدا انهن لاوين جي مدد ڪئي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کنيو پئي آيا، سو ست ڏاند ۽ ست گھٽا قربان ڪيا ويا.


آخر ۾ دان جي منزل‌گاهہ جيڪا سڀني منزل‌گاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو.


پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.


۽ پهرئين ڏينهن وانگر وري بہ هنن هڪڙو ڀيرو شهر کي ڦيرو ڏنو ۽ پوءِ موٽي خيمي‌گاهہ ۾ آيا. اهڙيءَ طرح ڇهن ڏينهن تائين هو ائين ئي ڪندا رهيا.


ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گھٽن جي سڱن جون ست نفيلون کڻي هلن. ستين ڏينهن تي اوهين شهر کي چوڌاري ست ڦيرا ڏجو ۽ ڪاهن نفيلون وڄائيندا هلن.


هٿياربند ماڻهو نفيلون وڄائيندڙ ڪاهنن جي اڳيان ٿي هليا ۽ باقي ماڻهو صندوق جي پٺيان لڳا آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ