12 ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.
12 ۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.
تڏهن هن لاوين کي، جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا، حڪم ڏيئي چيو تہ
ٻئي ڏينهن صبح جو يشوع ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو شطيم مان اُٿي روانا ٿيا ۽ اردن درياءَ وٽ آيا، جتي هو ڪنعان ملڪ ڏانهن پار وڃڻ کان اڳ خيما کوڙي ترسي پيا.
اهڙيءَ طرح يشوع خداوند جي صندوق کي شهر جي چوڌاري هڪڙو ڀيرو گھمرايو. پوءِ هو سڀ خيميگاهہ ۾ موٽي آيا ۽ رات اتي گذاريائون.
ست ئي ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا. هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا ۽ باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون
سو بني اسرائيل صبح جو اٿيا ۽ اتان روانا ٿي جِبعت شهر جي ٻاهران اچي پنهنجا تنبو کوڙيائون.