Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ يشوع اسرائيل جا سڀ فرقا سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيا، ۽ اسرائيل جي بزرگن کي، ۽ رئيسن کي، ۽ قاضين کي، ۽ عملدارن کي گهرايائين؛ ۽ اُهي اچي خدا جي اڳيان حاضر ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


تڏهن يوسياہ بادشاهہ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا سڀ اڳواڻ پاڻ وٽ سڏايا.


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين کي مڃي، انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيڪي ڪريو تنهن ۾ ڪامياب ٿيو.


سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.


تڏهن يشوع سڄي بني اسرائيل کي يعني انهن جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي سڏائي چيو تہ ”هاڻ آءٌ پيرسن ٿي ويو آهيان.


تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيت‌ايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ