Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:31 - Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ فينحاس ڪاهن کين چيو تہ ”هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان ساڻ آهي. انهيءَ ڪري جو اوهان خداوند کان باغي نہ ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي سزا کان بچايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن


خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.


هو منهنجي لاءِ هڪڙو مقدس خيمو ٺاهين، جو آءٌ سندن وچ ۾ رهندس.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“


جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ ڏهن قبيلن جي اڳواڻن اهي ڳالهيون ٻڌيون، جيڪي بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ساڻن ڪيون تڏهن هو مطمئن ٿيا.


پوءِ فينحاس ولد اليعزر ۽ اڳواڻ بني روبن ۽ بني جد وٽان جِلعاد جي ملڪ مان واپس وريا ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ اچي کين سمورو احوال ڏنائون.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ